ڊگهي مدت جي قرض لاءِ آءِ ايم ايف ٽيم اسلام آباد پهچي وئي

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي امدادي ٽيم ايندڙ ڊگهي مدي واري قرض پروگرام جي پهرين مرحلي لاءِ پاڪستان پهچي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مشن جا ڪجهه ميمبر ٽيڪنيڪل ڳالهين لاءِ پاڪستان پهچي ويا آهن، جڏهن ته آءِ ايم ايف جو مشن 16 مئي جي رات پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب امدادي ٽيم مختلف کاتن کان ڊيٽا حاصل ڪندي ۽ بجيٽ تي به ناڻي واري وزارت جي عملدارن سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو ۽ مشن جي ميمبرن جي اچڻ کان اڳ پيپر ورڪ مڪمل ڪيو ويندو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو مشن پاڪستان ۾ 10 ڏينهن رهندو.