پي ايس ايل جي 10 جي ايڊيشن لاءِ ونڊو جي تجويز

لاهور: پاڪستان سپر ليگ جي 10هين ايڊيشن لاءِ ونڊو جي تجويز ڏني وئي آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ۾ ايندڙ سال پي ايس ايل لاءِ 8 اپريل کان 20 مئي تائين ونڊو ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ونڊو کي پليئر جي سهولت، ڪم لوڊ مينيجمينٽ ۽ مصروفيت کي ذهن ۾ رکڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.سمورن فرنچائزز کي مارڪي پليئر کي سائن ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي، سموريون فرنچائزز ايندڙ هڪ کان ٻن مهينن ۾ مارڪي پليئر سائن ڪري سگهنديون.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي مارڪي پليئر سان ڪانٽريڪٽ لاءِ مالي مدد پڻ ڪندو، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ فرنچائزز کي تجويزون ڏنيون آهن.