وزيراعظم شهباز شريف جي بل گيٽس سان ملاقات

رياض: وزيراعظم شهباز شريف جي رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم اجلاس جي موقعي تي بل گيٽس سان ملاقات، ان موقعي تي ملي ڪم جاري رکڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو.وزيراعظم شهباز شريف رياض ۾ مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس سان ملاقات ڪئي. ان دوران بل گيٽس شهباز شريف کي پنجاب ۾ حفاظتي ٽڪن بابت پروگرام جي تعريف ڪئي.ملاقات دوران بل گيٽس وزيراعظم شهباز شريف کي پاڪستان ۾ حفاظتي ٽڪن بابت شروع ڪيل پروگرام پکيڙڻ جي پڻ تجويز ڏني. وزيراعظم طرفان مضبوط ڀائيواري کي يقيني بنائڻ جي لاءِ ملي ڪم جاري رکڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو.ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب ۾ موجود آهي. وزيراعظم شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم جي اڄ کان شروع ٿيندڙ خصوصي اجلاس جي اختتامي تقريب ۾ خيالن جو اظهار ڪندو.ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف جي اڄ ملائيشيا جي وزيراعظم سان به ملاقات جو امڪان آهي. وزيراعظم سان سعودي جو وزير جن ۾ توانائي، واپار، ماحوليات ۽ زراعت به ملاقاتون ڪندا.