فوجي ڪمانڊرجي شهيد ڪسٽم اهلڪارن جي وارثن سان ملاقات

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل عاصم منير جي هدايت تي پاڪ فوج جي سينيئر ڪمانڊرز ڊيرا اسماعيل خان ۾ شهيد ٿيل ڪسٽم اهلڪارن جي وارثن سان ملاقات ڪئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب، غيرقانوني سرگرمين خلاف جنگ ۾ شهيدن جي بي مثال قربانين جو اعتراف ڪيو ويو ۽ پاڪ فوج پاران جوانن کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسان جي آزادي بهادر جوانن جي لازوال قربانين جو مقدر آهي، پوري قوم شهيدن جي خاندانن کي سلام پيش ڪري ٿي.