ايڪسچينج ۾ وڏي تيزي،انڊيڪس 72 ھزار 5 سئو جي نفسياتي حد پار

ڪراچي :پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اڄ ڪاروبار شروع ٿيڻ کان پوءِ تيزيءَ جو رجحان رهيو ۽ 100 انڊيڪس 502 پوائنٽن جي واڌ سان 72554 جي بلند ترين سطح تي واپار ڪيو ويو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 72 هزار جي سطح پار ڪري ويو هو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس گذريل هفتي جي آخري ڪاروباري ڏينهن تي 71 هزار 359 تي بند ٿيو.

A big rally in the exchange