پهريون ڀيرو اولمپڪس مقابلن ۾ به اي آءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال

نيويارڪ: ارٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي تمام تيزيءَ سان اڳڀرائي ڪري رهي آهي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ ان جو استعمال ٿي رهيو آهي. پر هاڻ پهريون ڀيرو اولمپڪس مقابلن ۾ به اي آءِ ٽيڪنالاجي استعمال ٿيندي.انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي طرفان پئرس اولمپڪس لاءِ اي آءِ ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي. آءِ او سي صدر اي آءِ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڪيتريون ئي سروسز ۽ ٽولز متعارف ڪرايا، جن کي پئرس اولمپڪس کي بهتر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. سوشل ميڊيا نگراني کان وٺي ايٿليٽس جي ٽريننگ ۽ براڊ ڪاسٽنگ تائين اي آءِ ٽيڪنالاجي 26 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ اولمپڪس مقابلن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.

For the first time