ڀارتي بچاءَ واري وزير جي اشتعال انگيز بيان جي مذمت

اسلام آباد: پاڪستان وڌيڪ پاڪستانين کي مارڻ جي رٿابندي واري ڀارتي بچاءَ واري وزير جي بيان جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان 25 جنوري 2024ع تي ڀارت جي پاڪستان ۾ دراندازي ۽ ماورائے عدالت قتل جا ناقابل ترديد ثبوت فراهم ڪيا، جيڪي ڀارت جي پاڪستان ۾ ماورائي عدالت ۽ عالمي قتل عام جي مهم جا واضح ثبوت آهن.پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت جو وڌيڪ شهرين کي نشانو بڻائڻ جو واضح اعتراف ڏوهه جو اعتراف آهي، عالمي برادري کي گهرجي ته ڀارت کي اهڙن بزدلن ۽ غيرقانوني قدمن جو احتساب ڪري.هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به جارحيت خلاف پنهنجي خودمختياري جي حفاظت لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي، فيبروري 2019ع ۾ به ڀارت کي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻو پيو، ان قدم ڀارت جي فوجي برتري جي ڪوڙي دعوائن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي حڪمران چونڊ فائدن لاءِ نفرتن تي ٻڌل بيان بازي ڪري رهيا آهن، ڀارت جو غير ذميواراڻو رويو علائقائي امن کي نقصان پهچائي ٿو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان هميشه خطي ۾ امن لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو آهي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، تاريخ پاڪستان جي پختي عزم ۽ پنهنجي دفاع جي صلاحيت جي شاهد آهي.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ برطانوي ميگزين پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو هو ته ڀارتي ڳجهي اداري 2020ع کان پاڪستان ۾ 20 شهرين کي قتل ڪيو.