ٽيڪس ادا ڪندڙن لاءِ ” آنر ڪارڊ“ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ٽيڪس سال 2023 دوران ممتاز ٽيڪس ادا ڪندڙن لاءِ ”پاڪستان آنر ڪارڊ“ اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ايف بي آر موجب نامور ٽيڪس ادا ڪندڙن کي اعزازي ڪارڊ جاري ڪيا ويندا جن کي تازو ئي وزيراعظم طرفان ايوارڊ مليا آهن، اعزازي ڪارڊ حاصل ڪندڙن کي هڪ سال لاءِ سهولتون ۽ مراعتون ڏنيون وينديون.ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي 9 وڏن ايڪسپورٽرز کي اعزازي ڪارڊ پڻ جاري ڪيا ويندا.ذريعن موجب اعليٰ ٽيڪس ڏيندڙن کي سمورن ايئرپورٽس تي وي آءِ پي لائونجز تائين رسائي ۽ اميگريشن ڪائونٽرن تي فاسٽ ٽريڪ ڪليئرنس ملندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آنر ڪارڊ هولڊرز کي سرڪاري پاسپورٽ جاري ڪيا ويندا ۽ کين وزيراعظم سان گڏ سالياني ڊنر جي دعوت پڻ ڏني ويندي.