ڪرينا، تبو ۽ ڪريتي جي فلم ”ڪريو“ باڪس آفيس تي ڄمي وئي

ممبئي :بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور، تبو ۽ ڪريتي سين جي فلم ”ڪرو“ باڪس آفيس تي سستي سان ڪمائي ڪري رهي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب هن فلم جو ڊائريڪٽر راجيش اي ڪرشنن آهي ۽ اها فلم 29 مارچ تي رليز ڪئي وئي هئي.ڀارتي ميڊيا موجب فلم جمعي جي پهرين ڏينهن ڀارت ۾ 10.28 ملين رپين جو بزنس ڪيو، جڏهن ته ٻئي ڏينهن فلم 9.6 ملين رپيا ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.ڀارتي ميڊيا موجب سومر کان فلم جو بزنس گهٽجڻ شروع ٿيو، جيڪو اڳتي نه وڌي سگهيو ۽ فلم 6 ڏينهن ۾ ڪل 407 ڪروڙ ڀارتي رپيا ڪمايا آهن.فلم ”ڪريو“ جي ڪهاڻي ٽن دوستن جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪي ڪوه نور نالي ايئر لائنز ۾ ڪيبن ڪريو ميمبر طور ڪم ڪن ٿا.

Kareena