آرمي چيف جي سعودي ولي عهد سان اهم ملاقات

رياض: آرمي چيف جنرل عاصم منير سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان سعودي راڄڌاني رياض ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سعودي عرب جي دوري دوران سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سعودي دفاع وارو وزير خالد بن سلمان، سعودي چيف آف جنرل اسٽاف فياض بن حامد الراويلي ۽ بچاءَ واري نائب وزير انجنيئر طلال عبدالله العطيبي به موجود هئا. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ سعودي قيادت سان علائقائي امن ۽ سلامتي ۽ ٻه طرفي دفاعي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب سعودي ولي عهد چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان هميشه هڪ ٻئي سان گڏ بيٺا آهن، سعودي عرب مستقبل ۾ هميشه پاڪستان سان گڏ رهندو. شهزادي محمد بن سلمان پاڪ-سعودي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، جڏهن ته آرمي چيف جنرل عاصم منير پاڪستان جي حمايت ۽ گرمجوشي جي جذبن تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا.