اتر وزيرستان حملي ۾ شهيد فوجي آفيسرز ۽ جوانن جي جنازي نماز ادا

راولپنڊي: اتر وزيرستان حملي ۾ شهيد فوجي آفيسرز ۽ جوانن جي جنازي نماز ادا، صدر ۽ آرمي چيف به شريڪ، شهيدن جي اباڻن علائقن ۾ فوجي اعزاز سان تدفين

 آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ ڪرنل سيد ڪاشف ۽  ڪئپٽن محمد احمد بدر جي جنازي نماز چڪلاله گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ صدر آصف زرداري، آرمي چيف جنرل عاصم منير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، پرڏيهي وزير، گهرو وزير، اعليٰ حاضر سروس فوجي ۽ سول آفيسرز به شريڪ ٿيا

 شهيدن جا مڙهه سندن اباڻن علائقن ڏانهن پهچايا ويا، فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي، گذريل ڏينهن اتر وزيرستان  جي علائقي مير علي ۾ دهشتگردن سڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ڪئپٽن سميت 7 فوجي جوان شهيد ۽ جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا هئا