آءِ ايم ايف پاران ٽيڪس ڇوٽ ۽ رعايت ختم ڪرڻ تي زور

اسلام آباد : انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آئي ايم ايف) پاڪستان ۾ معاشي مضبوطي لاءِ خوراڪ، دوائن، پيٽرول ۽ اسٽيشنري وغير ه تي 18 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. آئي ايم ايف جي راءِ آهي ته جيڪي اسم ٽيڪس ڇوٽ ۾ شامل آهن يا جن تي ٽيڪس جي شرح گهٽ آهي اها ختم ڪرن سان پاڪستان جي قومي خزاني ۾ 1300 ارب رپين جي اضافي آمدن ٿيندي. آءِ ايم ايف پنهنجي تجويز ۾ ان معاملي جو اندازو ناهي لڳايو ته ان سان ڪيتري مهانگائي ٿيندي ۽ عام ماڻهو ڪيترو متاثر ٿيندو. پنجين شيڊول هيٺ مختلف قانونن ۽ رولز هيٺ جيڪا زيرو ريٽنگ سفارتڪاري، سفارتي مشنز، مراعات يافتا فردن ۽ ادارن کي ڇوٽ حاصل آهي اها ختم ڪرڻ لاءِ به زور ڀريو ويو آهي. عالمي اداري افغانستان سان ٿيندڙ واپار تي به ٽيڪس جي ڇوٽ ختم ڪرڻ جو چيو آهي.