اسلام آباد: ملڪ ۾ صدارتي چونڊون 9 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي.اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن 9 مارچ تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن بابت باقاعده شيڊول به جاري ڪندي.واضح رهي ته صدر عارف علوي جو 5 سالن جو آئيني مدو 8 سيپٽمبر 2023ع تي ختم ٿي ويو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ نگران سيٽ اپ سبب عارف علوي صدر پاڪستان جا عهدا سنڀالي رهيو آهي. آئين مطابق هو چونڊجڻ کان پوءِ هڪ مهيني لاءِ صدر رهندو، پنهنجي عهدي تي رهي سگهي ٿو.