ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ: موسميات کاتي ڪراچي ۾ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

ڪراچي: موسميات کاتي ملڪ  جي مخلتف علائقن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ جڏهن ته ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي موجب پنجاب، خيبرپختونخواهه  ۽ مٿانهين سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙو رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات جي  اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي جو موسم جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته اڄ شام جو  ڪجهه علائقن ۾ بوندا بادي جو به امڪان ظاهر  ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته آچر ۽ سومر تي شهر جو موسم جهڙالو رهڻ ۽ ڪجهه علائقن ۾ برسات سبب ٿڌ ۾ واڌ جو پڻ امڪان آهي. شهر جو گهٽ کان گهٽ گرمي پد 13 کان 15 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته شهر ۾ اتر اوڀر ۽ مغرب کان به هوائون هلنديون رهنديون.

ٻئي پاسي بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ کنوڻ سان برسات کان پوءِ موسم ٿڌو ٿي ويو.  موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀني کان وڌيڪ ٿڌ اسڪردو ۾ پئي جتي پارو ڪاٽو 9 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو ان کان علاوه  وفاقي گادي وارو شهر اسلام آباد ڪوهيڙي جي لپيٽ ۾ رهيو جنهن سان فلائيٽ  شيڊول متاثر ٿي رهيو آهي. اسلام آباد جي لاءِ 3 اڏامون ڪراچي ۽ لاهور ۾ لاٿيون ويون.