اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پاڪ – ايران ڇڪتاڻ سان اليڪشن يا اليڪشن جو شيڊول متاثر نه ٿيندو، سرحدن تي ڇڪتاڻ باوجود اسان جو سمورو ڌيان 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ تي آهي
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي شيڊول موجب ۽ اعلانيل تاريخ تي ئي چونڊون ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي
ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تياري ۾ مصروف آهي، اهڙي ڪا به تجويز يا آپشن غور هيٺ ناهي ته ڇڪتاڻ سبب اليڪشن جي تاريخ تي نظرثاني ڪئي وڃي