حڪومت پاران دوائن جي اگهن ۾عوام کي وڏو رليف

اسلام آباد: ڪابينه دوائن جي اگهن ۾ 55 کان 65 سيڪڙو گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهي دوائون آءِ سي يو ۾ داخل مريضن لاءِ استعمال ٿينديون آهن.

صحت واري نگران وفاقي وزير جي هدايت تي 4 دوائن جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته ڪابينه دوائن جي اگهن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏني آهي.

ترجمان موجب صحت واري وزير نديم جان چيو آهي ته ڪولسٽيميٽيٿ سوڊيم جي قيمت 55 کان 65 سيڪڙو گهٽ ٿي، 1 ملين يونٽ انجيڪشن جي قيمت 2987 مان گهٽجي 1036 رپيا، 2 ملين يونٽ انجيڪشن جي قيمت 4564 مان گهٽجي 1737 رپيا ۽ 3 ملين يونٽ انجيڪشن جي قيمت 5855 مان گهٽجي 2591 رپيا ٿي وئي آهي.

اهي دوائون آءِ سي يو ۾ داخل مريضن لاءِ استعمال ٿينديون آهن