300 يونٽ مفت بجلي ۽ ٻيڻي پگهار لاءِ بلاول کي ووٽ ڏيو: آصفه

ڪراچي: پ پ اڳواڻ آصفه ڀٽو زرداري به عام چونڊن ۾ بلاول ڀٽو زرداري لاءِ ووٽ گهرڻ ميدان ۾ لهي پئي، هن چيو آهي ته جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا نوجوانن جو مستقبل روشن ٿئي ته پارٽي چيئرمين جو آواز بڻجي تير کي ووٽ ڏيو.

ڪراچي ۾ چونڊ مهم دوران آصفه ڀٽو زرداري ابراهيم حيدري، لانڍي ۽ ملير جو دورو ڪيو، ان موقعي تي ڪارڪنن سندس شاندار آجيان ڪئي ۽ مٿس گل نڇاور ڪيا.

آصفه ڀٽو زرداري عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا توهان کي صحت ڪارڊ ملي ته بلاول کي ڪامياب ڪرايو، توهان کي 8 فيبروري تي ووٽ تير کي ڏيڻو آهي، بلاول عوام دوست منشور ڏنو آهي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن توهان 300 يونٽ بجلي مفت چاهيو ٿا ۽ چاهيو ٿا پگهار ٻيڻي هجي ته پ پ کي ووٽ ڏيو، معياري مفت علاج جي فراهمي لاءِ اسان جو ساٿ ڏيو، بلاول جو آواز بڻجو، کيس ڪامياب ڪيو