لڪي مروت ۾ دهشتگردن جو حملو ناڪام

پشاور:خيبرپختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت ۾ پوليس دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو.پوليس موجب لڪي مروت جي علائقي وکي ون فائيو گنڊي چوڪ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو.ڊي پي او لڪي مروت طارق حبيب موجب رات جي اونداهي ۾ 6 دهشتگردن حملو ڪيو پر سڪيورٽي اهلڪارن دهشتگردن کي فائرنگ ڪري فرار ڪري ڇڏيو.ڊي پي او طارق حبيب جو چوڻ هو ته حملي ۾ ڪنهن به جاني يا مالي نقصان نه ٿيو آهي.