اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جو صدر شهباز شريف اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو جتي هو پارٽي اڳواڻن سان ملاقات کان علاوه ايم ڪيو ايم اڳواڻن ۽ پير پاڳاري سان به ملاقاتون ڪندو.

مسلم ليگ(ن) سنڌ جي ترجمان موجب ڪراچي ايئرپورٽ پهچڻ تي پارٽي اڳواڻ شهباز شريف جو استقبال ڪندا جنهن کان پوءِ شهباز شريف مقامي هوٽل ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ پارٽي ۾ شموليت ڪندڙ شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو.

ترجمان ٻڌايو ته شهباز شريف جمعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات جي لاءِ ويندو هو مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پير پاڳاري ۽ جي ڊي اي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو.

اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جي اهڙين ملاقاتن دوران ملڪ جي سياسي صورتحال، چونڊن جي دوران سيٽ ايڊجسٽمينٽ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون