هي جن ماڻهن جو رانديڪو آهي انهن هن کي اڳيان آندو آهي: رائو انوار بابت سوال تي بلاول جو جواب

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار بابت چيو آهي ته هي جن جو رانديڪو آهي انهن هن کي اڳيان آندو آهي.

سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جتي 12 سالن کان پوءِ صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي. مون 2018 ۾ ڪيس ٻڌڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي. اسان کي ذوالفقار علي ڀٽو جي لاءِ انصاف گهرجي، مون کي انصاف ڏنو وڃي ۽ قوم کي ٻڌايو وڃي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بي قصور هو. ڇو ته عوام گهڻو وقت اڳ فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو بي ڏوهي هو. هاڻ عدالت کي اپيل آهي ته اوهان کي تاريخ کي صحيح ڪرڻو آهي. اهڙو فيصلو ڪرڻ گهرجي جنهن سان آئنده جي لاءِ دروازو بند ٿي وڃي. اميد آهي هن ڀيري پيپلز پارٽي کي ڪيس ۾ انصاف ملندو.

هن چيو ته اسان جو تمام گهڻو پراڻو موقف ۽ مطالبو آهي ته سڀ پنهنجين حدن ۾ رهي ڪم ڪن. سياستدان به جمهوريت جي حدن ۾ رهي ڪم ڪن. ادارا به پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم  ڪن تڏهن ئي اسان جي معيشت ۽ ملڪ هلندو. مان پراڻن سياستدانن جي پراڻي سياست ڏسي چڪو آهيان انهن جو ڪوبه رويو نه آهي. انهن کي هاڻ پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو آهي. انهن کي اڃان تائين ساڳئي پراڻي سياست ڪرڻي آهي جنهن سان نه ملڪ ۽ نه ئي وري معيشت ترقي ڪندي نه ئي وري  اسان اهڙي ماحول  مان نڪري سگهنداسين.

پ پ چيئرمين  چيو ته اسان سياسي اختلافن کي ذاتي دشمني تي پهچائي ڇڏيو آهي. ڪوبه ڪنهن به پارٽي سان هجي سڀئي پاڪستاني آهيون، فيصلو ڪريو، اختلاف ڌار رکو. سمورا ملي ئي مسئلن جو حل ڪڍي سگهن ٿا. نفرت ۽ ورهاست جي سياست کي دفن ڪريو ۽ نئين سياست شروع ڪريو.

رائور انوار بابت سوال تي بلاول ڀٽو چيو ته هي جنهن ماڻهن جو رانديڪو آهي انهن هن کي اڳيان آندو آهي. لياري جي ڪارڪنن اهڙي رانديڪي جي باري ۾ نعرو تيار ڪيو آهي. لياري جي ڪارڪنن جو نعرو آهي ته ميان تيري جانثار، بشير ميمن، رائو انوار.