ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ اهم اڳڀرائي: ايف بي آر ۽ نادرا گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو

اسلام آباد:نگران حڪومت ٽيڪس چوري کي روڪڻ لاءِ کنيل قدمن جي تحت فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) ۽ نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي(نادرا) وچ ۾ ٽيڪس جي بنياد وسيع ڪرڻ لاءِ لاءِ ملي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب ايف بي آر ۽ نادرا ٽيڪس ڏيندڙن جي اصل آمدني جو جائزو وٺندو. جڏهن ته نئين ٽيڪس چوري ڪندڙن جي رجسٽريشن ۽ نان فائلرز جي ٽيڪس پروفائيل کي به حتمي شڪل ڏني ويندي.

ذريعن موجب ايف بي آر ۽ نادرا وچ ۾ ڊيٽا جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ٻنهي ادارن جون اعليٰ ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن جنهن جو سربراهه نادرا جو چيئرمين هوندو.