اسلام آباد: وفاقي ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان سميت ان جي ٻين 29 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.
وفاقي ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي اي سي اي ايل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي، نگران مواصلات جي وزير شاهد اشرف سميت گهرو وزارت ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته اجلاس ۾ اي سي ايل بابت مختلف نوعيت جي ڪيسن جو جائزو پڻ ورتو ويو.
ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي 41 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ نيب جي سفارش تي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين سميت ان جي ٻين 29 ماڻهن کي اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب ڪميٽي شهزاد اڪبر، ذوالفي بخاري، فرح گوگي ۽ پراپرٽي ٽائيڪون جو نالو به اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي آهي.
ڪميٽي 13 مختلف نوعيت جي ڪيسز کي اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش پڻ ڪئي ۽ عدليه جي هدايتن تي 7 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
ان کان علاوه نظر ثاني لاءِ پيش ڪيل اپيلن مان 3 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي. ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي جي سفارشن کي حتمي منظوري لاءِ نگران وفاقي ڪابينه ڏانهن اماڻيو ويندو.