لنڊن : اسرائيل طرفان فلسطينن جي قتل عام خلاف لنڊن ۾ رهڻ وارن يهودين احتجاج ڪيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، لنڊن ۾ رهندڙ يهودين طرفان ڪيل احتجاج ۾ فلسطينن خلاف تشدد روڪڻ ۽ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو.
ٻئي پاسي آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ فلسطينن سان ايڪي جي اظهار لاءِ وڏو مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ لکين ماڻهن شرتڪ ڪئي.
سوئيڊن ۾ سوين ماڻهن پارليامينٽ آڏو احتجاج ڪيو ۽ هواڏنهن پئرس ۾ نڪتل ريلي ۾ فرانسيسي اداڪارن پڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته ٽوڪيو ۾ به احتجاج ڪيو ويو.