پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا سڀ رانديگر واپس پهچي ويا، حسن علي ڀارت ۾ رهجي ويو

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا سڀئي رانديگر ۽ اسٽاف ميمبر ڀارت کان پاڪستان واپس پهچي ويا آهن پر حسن علي ٽيم سان گڏ وطن واپس نه آيو ۽ ڀارت ۾ ئي رهجي ويو .

اطلاع موجب حسن علي 22 نومبر تائين ڀارت ۾ ئي رهندو ۽ اتي پنهنجي ساهرن جي مهماني کائيندو. حسن علي ڀارت ۾ پنهنجي ڪٽنب سان وقت گذاريندو جڏهن ته پاڪستاني هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر 3 ڏينهن دبئي ۾ رهڻ کانپوءِ 16 نومبر تي لاهور پهچندو .

اها ڳالهه ذڪر لائق آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽرز 2 گروپن ۾ دبئي رستي پاڪستان پهتا آهن ، پاڪستان کي ورلڊ ڪپ ۾ 9 مان 5 ميچز ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو هو .

All the players of the Pakistan cricket team reached back