نواز ليگ سنڌ ۾ ديرو ڄمائي ورتو: جي ڊي اي ۽ متحدا سان گڏجي پ پ مخالف وڏو اتحاد ٺاهڻ جو فيصلو

ڪراچي: مسلم ليگ ن سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ متحرڪ، ن ليگ جي مرڪزي قيادت سنڌ ۾ ديرا ڄمائي ڇڏيا، جي ڊي اي کانپوءِ ن ليگ وفد جي ايم ڪيو ايم سان ملاقات، ن ليگ اڳواڻن خواجا سعد رفيق ۽ اياز صادق جي اڳواڻي ۾ ن ليگ جي وفد پاران ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن سان 2 ڪلاڪ تائين ڊگھي ملاقات ڪئي وئي

ان حوالي سان ڪالهه ن ليگ جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق جي سربراهي ۾ ن ليگ جو وفد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي عارضي مرڪز بهادرآباد پهتو، جتي مصطفيٰ ڪمال ۽ امين الحق سندن آجيان ڪئي، ن ليگ جي وفد  ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن خالد مقبول صديقي، فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين سان تفصيلي سياسي ويهڪ ڪئي، ڊگهي ملاقات کان پوءِ گڏيل ميڊيا ٽاڪ به ڪئي وئي، ان موقعي تي ن ليگ جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو ته ايم ڪيو ايم ايم اتحادي پارٽي آهي

اين ايف سي کي هاڻي حقيقي بڻائڻ گهرجي، ملڪ ۾ جمهوريت کي بحال ڪرڻو آهي. ايم ڪيو ايم سان سيٽن جي حوالي سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، ماضي جي حڪومت سنڌ سان ناانصافي ڪئي . ڪراچي کي کنڊر بڻايو ويو.هن چيو ته پير پاڳاري سان تفصيلي ڳالھه ٻولهه ٿي آهي

سنڌ ۾ اهڙو اتحاد بنايو ويندو جيڪو سنڌ جي مفاد ۾ هجي.اسان جي جمعيت اسلام سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي منشور ۾ ججن جي مقرري جي حوالي سان به ڳالهه ڪنداسين، عدل وارو نظام اسان جي منشور ۾ پهرين نمبر تي هوندو، اسان نيب کي نٿا مڃون پر احتساب جي ڳالهه ڪنداسين، اسان قومي سياسي ايجنڊا کڻي اينداسين، خواجا سعد رفيق وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ کي اصلاحات طرف وڌڻو آهي، جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ سان گڏجي اهڙو اتحاد ٺاهينداسين جيڪو عوامي اميدن تي پورو لهي

ان موقعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو ته پاڪستان جي آئين کي بهتر ڪري عوام دوست بنايو ويندو، حڪمران دوست آئين هاڻي وڌيڪ نٿو هلي سگهي. هن چيو ته  اسان کي مالي انتظامي عدالت سميت هر بحران کي منهن ڏيڻو پوندو. مڪاني شهري حڪومتن کي به قانوني تحفظ ملڻ ضروري آهي، خالد مقبول صديقي چيو ته پاڪستان ۾ مالي نه پر نيتن جو بحران آهي، هن چيو ته آئين ۾ اهو شامل ڪيو وڃي ته شهري حڪومت وٽ ڪهڙا ڪهڙا ادارا ۽ اختيار هجڻ گھرجن. آئين ۾ اهو به هجڻ گھرجي ته بلدياتي اليڪشن کان اڳ عام چونڊون نه ٿيون ٿي سگھن، هن چيو ته سياسي پارٽين کي هڪ ٻئي جو مينڊيٽ مڃڻ گھرجي

ان کان اڳ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ڪنهن کي به مائنس ڪرڻ ن ليگ جي ايجنڊا ۾ شامل ناهي، اسان انهن سمورن ماڻهن جا شڪر گذار آهيون جن يقين ڏياريو ته نواز شريف ئي وزيراعظم بڻجندو. هن چيو ته ڪراچي شهر تي ڏهاڪن کان ڌيان نه پيو ڏنو ويو، هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ڪراچي کي تباهه ڪيو ويو آهي.خواجا سعد رفيق وڌيڪ چيو ته هن ڀيري اسان جو سڄو ڌيان سنڌ تي آهي، نواز شريف ڪراچي کي گرين لائين جو تحفو ڏنو ۽ ڪي فور تي به ڪم ڪيو، ڪراچي ۾ امن امان جي بحالي جو ڪريڊٽ نواز شريف کي وڃي ٿو

هن چيو ته جي يو آءِ ۽ ايم ڪيو ايم سان اڳ ۾ ئي فيصلو ڪيو ويو هو ته اهي گڏجي اليڪشن وڙهندا، سعد رفيق چيو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر ڳالهائڻ به گهرجي، پي ٽي آءِ پاڪستان جي سياست کي آلوده ڪري ڇڏيو آهي، سماجي لاڳاپا نه ٽوڙڻ گهرجن ۽ رابطا برقرار رکڻ گهرجن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن اليڪشن ويجهو ايندي آهي ته سياستدان ڳالهيون ڪندا آهن، هن چيو ته ڪا به هڪ تنظيم يا پارٽي هن ملڪ کي اڪيلي سِر بهتر بڻائي نه ٿي سگھي