ورلڊ ڪپ: انگلينڊ پاڪستان خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪوالڪته: ورلڊ ڪپ جي 44هين ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان جي خلاف اهم ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اهو ميچ ايڊن گارڊنز ڪوالڪته ۾ کيڏيو پيو وڃي. ٽاس جي موقعي تي ڳالهيون ڪندي پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو ارادو هو، ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي آهي، حسن علي جي جڳهه شاداب خان کي شامل ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر چيو ته وڪيٽ بيٽنگ جي لاءِ سٺي آهي. وڌ کان وڌ رنسون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ياد رهي ته ورلڊ ڪپ جي پهرين مرحلي ۾ ٻنهي ٽيمن جو اهو آخري ميچ آهي. پاڪستان ۽ انگلينڊ ٻنهي ٽيمن 8-8 ميچ کيڏيا آهن. پاڪستان پنهنجا 4 ۽ انگلينڊ 2 ميچ کٽيا آهن. پوائنٽس ٽيبل تي پاڪستان جو پنجون ۽ انگلينڊ جو ستون نمبر آهي.

  • شيئر