غزه جي اسپتالن ۽ ڪيمپن تي اسرائيلي حملا جاري، شهيدن جو انگ 11 هزار کان وڌي ويو

غزه:غزه ۾ اسرائيلي جارحيت 36هين ڏينهن ۾ داخل ٿي وئي آهي. اسرائيل جي وحشياڻي ڪاررواين دوران  شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 11 هزار کان وڌي ويو آهي.

اسرائيلي فوج اتر غزه ۾ فلسطينين کي انساني ڍال بنائي ورتو آهي. اسرائيلي فوج جي  ٽينڪن غزه جي 4 اسپتالن جو گهيراءُ ڪري ورتو. شفا، العودو، القدس ۽ انڊونيشيا اسپتال جي چوڌاري بمباري ڪئي وئي. جڏهن ته النصر چلڊرين اسپتال ۽ غزه بلڊ بينڪ تي به بم وسايا ويا.

اسرائيلي فوج گڏيل قومن جي اسڪول ۽ اتر غزه مان لڏ پلاڻ ڪندڙ هٿين خالي شهرين کي نشانو بنايو، اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 266 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا. اسرائيلي فوج جي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 11 هزار 78 ٿي ويو آهي. شهيدن ۾ 4 هزار 880 ٻار ۽ 3 هزار کان وڌيڪ عورتون شامل آهن. جڏهن ته 32 هزار کان وڌيڪ فلسطيني به زخمي ٿي ويا آهن.

غزه جي پٽي القدس اسپتال تي اسرائيلي اسٽائپرز جي فائرنگ کان پوءِ فلسطيني هلال احمر طرفان جمعي جي شام اعلان ڪيو ويو  هو ته اسرائيلي فوج القدس اسپتال جي انتهائي نگهداشت يونٽ تي به فائرنگ ڪئي آهي. اسرائيلي فوج مغربي ڪناري ۾ به وڌيڪ 19 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو. فلسطيني صحت واري وزارت موجب غزه ۾ 35 مان 18 اسپتال مڪمل طور تي بند ٿي چڪا آهن.

  • شيئر
Israeli attack on hospitals and camps in Gaza continues