ڪراچي:پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو ۽ پهريون ڀيرو 54 هزار جي حد پار ڪري ويو .
100 انڊيڪس پنهنجي بلندي جي نئين تاريخ 54 هزار 312 ريڪارڊ ڪئي پر ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي 124 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 53 هزار 735 تي ٿي .
اهڙيءَ ريت پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 6 ڏينهن کان جاري واڌو ڪاروبار جي پڄاڻي جي لهر ستين ڏينهن ٽٽي پئي .
بازار ۾ اڄ 50 ڪروڙ 60 لک شيئرز جا سودا 18 ارب 25 ڪروڙ رپين ۾ طئي ٿيا .
مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 21 ارب روپيا گهٽجي 7 هزار 748 ارب رپيا آهي.