حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل سستو نه ڪيو، صرف گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل 3 رپيا مهانگا

اسلام آباد: حڪومت تيل اگھن ۾ لاٿ وارين عوام جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. ڊالر سستو ٿيڻ ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگھن ۾ لاٿ باوجود حڪومت هن مهيني اگھه نه گھٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

ناڻي واري وزارت موجب اڄ پهرين نومبر کان پيٽرول، ڊيزل جا اگھه ساڳيا برقرار رهندا. اهي اگھه 15 نومبر تائين برقرار رکيا ويندا. پندرهن نومبر کان پوءِ تيل اگھن ۾ ڦيرڦار بابت نئين سر فيصلو ڪيو ويندو. صرف گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگھن ۾ معمولي لاٿ ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ ناڻي واري وزارت  موجب گاسليٽ جي اگھن ۾ 3 رپيا 82 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئيل جي قيمت ۾ 3 رپيا 40 پيسا لاٿ ڪئي وئي آهي

The government did not make petrol and diesel cheaper