پرڏيهي وزير سان آمريڪي سفير جي ملاقات: افغان شهرين جي آمريڪا ۾ آبادڪاري تي ڳالهيون

اسلام آباد:  آمريڪي سفير ڊونالڊ بلوم نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ ٻطرفن اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن.

ٻنهي شخصيتن آمريڪا ۾ چرپر يا ٻيهر آبادڪاري جي اهل افغان شهرين جي باري ۾ ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي.

آمريڪي سفير پناهگيرن ۽ پناهه جي ڳولا ڪندڙن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد تي روشني پڻ وڌي.

آمريڪي سفير افغانين جي لاءِ مناسب اسڪريننگ ميڪانزم قائم ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته هن عمل ۾ جائز دعويٰ ڪندڙ ماڻهن کي نقصان نه پهچي.

ياد رهي ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين جي لاءِ رضاڪارانه بنيادن تي ملڪ ڇڏڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي.