بجلي صارفين تي هڪ ٻيو واڌو بار وجهڻ جون تياريون

اسلام آباد: سي پي پي اي جي 55 پئسا في يونٽ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي سڀاڻي نيپرا ۾ ٻڌڻي ٿيندي.
بجلي صارفين تي 8 ارب 37 ڪروڙ رپين جو واڌو بار وجهڻ جو امڪان آهي، نيپرا بجلي 55 پئسا في يونٽ وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي.
بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست سي پي پي اي ڏني آهي ۽ بجلي جي قيمت ۾ واڌ سيپٽمبر 2023 جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ گهري وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل واڌ سان صارفين تي 8 ارب 37 ڪروڙ رپين جو واڌو بار پوندو پر بجلي جي قيمت ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ صارفين لاءِ نه هوندي.