يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ جي قيمت ۾ 8 روپيه في ڪلو واڌ ٿي وئي

لاهور: يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن سبسڊي سان ملندڙ کنڊ جي قيمت ۾ 8 روپيه في ڪلو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ عام صارفين جي لاءِ في ڪلو کنڊ جي قيمت 155 روپيه ٿي وئي آهي.

يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو فوري طور تي لاڳو ٿيندو. يوٽيلٽي اسٽورز تي عام صارفين جي لاءِ في ڪلو کنڊ جي قيمت 155 روپيه جڏهن ته بي آءِ ايس پي صارفين جي لاءِ کنڊ جي في ڪلو قيمت 109 روپيه مقرر ڪئي وئي آهي.

ان کان اڳ عام صارفين جي لاءِ کنڊ جي قيمت 147 روپيه في ڪلو هئي، سبسڊي جي تحت کنڊ جي پراڻي قيمت 101 روپيه في ڪلو هئي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ جي بحران جي خاتمي لاءِ لکين ٽن کنڊ جي خريداري ڪئي وئي هئي