حڪومت جي سختي بعد کير جا اگهه تبديل

ڪراچي :ڪراچي جي ڊيري فارمرز کير جي اگهه ۾ 30 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.
ڪمشنر ڪراچي طرفان سرڪاري طور تي مقرر ڪيل اگهه 200 رپيا في ليٽر تي عمل ڪرائڻ لاءِ سختي ڪئي وئي آهي جنهن جي نتيجي م ڊيري فارمرز پاڻ مقرر ڪيل کير جو اگهه 230 رپيا ختم ڪري 200 رپيا في ليٽر وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

After the government's strictness