جنسي لاڳاپا نه رکڻ تان فلم مان ڪڍيو ويو: ايشا گپتا

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪارا ايشا گپتا انڪشاف ڪيو آهي ته هن کي جنسي لاڳاپا رکڻ کان انڪار ڪرڻ تي هڪ فلم مان ڪڍيو ويو هو

ڀارت جون ڪيتريون ئي اداڪارائون پروڊيوسرز ۽ هدايتڪارن طرفان ڪم جي بدلي جنسي لاڳاپا رکڻ جي آڇ جو انڪشاف ڪري چڪيون آهن ۽ ڪيترين ئي اداڪارائن ان معاملي تي کُلي ڪري ڳالهايو آهي

هاڻي بالي ووڊ جي هڪ ٻي اداڪارا ايشا گپتا به ڪاسٽنگ ڪائوچ تي ڳالهايو آهي. تازو ئي ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ ايشا گپتا انڪشاف ڪيو ته هڪ فلم جي معاون پروڊيوسر جنسي لاڳاپا رکڻ جي آڇ ڪئي

انهن ڏينهن ۾ آئون هن سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪري رهي هيس، ان فلم جو اڌ کان وڌيڪ ڪم ختم ٿي چڪو هو پر آئون جنسي لاڳاپا رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته مون کي فلم مان ڪڍيو ويو