پي ٽي آءِ چيئرمين ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان توشه خانه ۽ 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيسز ۾ پيروي نه ڪرڻ جي آڌار تي ضمانت جي درخواست رد ڪرڻ خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي.

درخواست ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته احتساب عدالت ٻنهي ڪيسز ۾ پيروي نه ڪرڻ تي ضمانت جي درخواست رد ڪئي، استدعا آهي ته 10 آگسٽ 2023 جو احتساب عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي

پي ٽي آءِ چيئرمين درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته درخواست تي فيصلو اچڻ تائين عبوري ضمانت منظور ڪئي وڃي.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست ۾ نيب چيئرمين کي ڌر بڻايو ويو آهي، توشه خانه ڪيس ۾ گرفتاري کان پوءِ عدالت اڳوڻي وزيراعظم جون درخواستون پيروي نه ڪرڻ تي رد ڪري ڇڏيون هيون