رپيو مضبوط ۽ سون سستو، فوج ۽ نگران حڪومت جون ڪوششون رنگ لائڻ لڳيون

ڪراچي: پاڪ فوج ۽ نگران حڪومت جي ملڪي معيشت ۾ بهتري لاءِ ورتل ڪوششن رنگ لائڻ شروع ڪري ڇڏيو .انهن ڪوششن دوران ذخيري اندوزن خلاف ڪريڪ ڊائون رپئي جي ملهه  ۽ ڊالر ۾ گهٽتائي جو سبب بڻيا آهن. پاڪستاني رپئي سيپٽمبر ۾ عالمي سطح تي بهترين ڪارڪردگي واري ڪرنسي جو اعزاز ماڻي ورتو آهي .

اهو ئي نه پر هاڻوڪي رپئي جو ملهه آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ 7 هفتن جي بلند ترين سطح تي آهي . رپيو ڊالر جي مقابلي ۾ 0.35 سيڪڙو يا 1.01 رپيو اضافي سان گڏ 287.74 رپين تي بند ٿيو .

پاڪستان ۾ سون جي قيمتن ۾ سيپٽمبر جي آخري هفتي مسلسل ٻئي سيشن ۾ نمايان گهٽتائي ڏٺي وئي .

ايف بي آر موجب پوئين 7 مهينن ۾ ريڪارڊ 2407 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا ، هي گذريل سال جي 2062 ارب رپين جي مقابلي ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ آهي .