اسٽيٽ بئنڪ جو وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو اعلان

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي اڄ پنهنجي اجلاس ۾ وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب مئي ۾ مهانگائي 38 سيڪڙو جي رفتار سان وڌي رهي هئي، جڏهن ته آگسٽ 2023 ۾ مهانگائي وڌڻ جي شرح 27.4 سيڪڙو ٿي وئي.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان چيو ويو آهي ته ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح 22 سيڪڙو رهندي.