ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف ريفرنس نيب چيئرمين ڏانهن اماڻڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف گئس ڪمپني ۾ 17 ارب روپين جي ڪرپشن وارو ريفرنس واپس نيب چيئرمين ڏانهن اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو  آهي

جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڊاڪٽر عاصم جي درخواست منظور ڪندي فيصلو ٻڌايو

ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين پاران احتساب عدالت جي اختيارن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو

ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين تي ڪميشن عيوض من پسند ڪمپنيز کي گئس فراهم ڪرڻ جا الزام هئا

وڪيل فاروق ايڇ نائڪ دليل ڏيندي چيو ته نيب ترميمن کانپوءِ هي ڪيس نيب جي دائري ۾ نه ٿو اچي

عدالت ڪيس نيب چيئرمين ڏانهن واپس اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو