آرمي قافلي تي آپگهاتي حملو، 9 فوجي اهلڪار شهيد ٿي ويا

بنون:بنون جي علائقي جاني خيل ۾ فوجي قافلي جي ويجهو آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 9 فوجي جوان شهيد ٿي ويا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب ته موٽرسائيڪل سوار حملو ڪندڙ فوجي قافلي ويجهو آپگهاتي حملو ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ 9 فوجي جوان شهيد جڏهن ته 5 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. شهيد ٿيل ۾ هڪ جونيئر ڪميشنڊ آفيسر (جي سي او) نائب صوبيدار صنوبر علي به شامل هو.
واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي اهلڪارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.
آءِ ايس پي آر جو اهو به چوڻ هو ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن، اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.
ٻئي پاسي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مان بنون ڊويزن ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 9 بهادر سپاهين جي شهادت تي ڏکارو آهيان، بنون دهشتگرد حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته دهشتگردي مذمت جوڳو عمل آهي، ان جي خلاف پرعزم آهيون، منهنجون همدريون شهيدن ۽ زخمين جي وارثن سان آهن.

A suicide attack on an army convoy