حديقه ڪياني جي ڊرامي ”حادثه“ تي پابندي لڳي وئي

اسلام آباد: پيمرا نجي ٽي وي چئنل جي تڪراري ڊرامي ”حادثه“ کي نشر ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
پيمرا طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊرامي جي ڪهاڻي جي حوالي سان ڏسندڙن طرفان شڪايتون وصول ٿيون هيون

پيمرا موجب ڊرامي جي ڪهاڻي پاڪستاني معاشرتي قدرن سان هڪجهڙائي نٿي رکي ۽ پيمرا اٿارٽي غير معياري مواد، نامناسب ڪهاڻي ۽ عوامي ردعمل کي ڏسندي ان تي پيمرا ايڪٽ جي سيڪشن 27 تحت پابندي لاڳو ڪندي معاملو ڪائونسل آف ڪمپلينٽس کي موڪلي ڇڏيو آهي
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪائونسل آف ڪمپلينٽس پيمرا ايڪٽ ۽ پيمرا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي روشني ۾ ان ڊرامي جي حواليس ان فيصلو ڪندي

واضح رهي ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڊرامي ۽ ان جي مک ڪردار حديقه ڪياني تي سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ ڊرامي جي ٽيم تي الزام لڳايو پيو وڃي ته هنن 2020 ۾ لاهور ڀرسان موٽر وي تي اغوا کانپوءِ گينگ ريپ جو شڪار بڻجندڙ عورت جي حياتي تي ڪهاڻي ٺاهي آهي

ڊرامي جو ليکڪ، پروڊيوسر ۽ اداڪارن سميت ٺاهيندڙ انڪار ڪري رهيا آهن ته هنن 2020 ۾ پيش آيل حقيقي واقعي جي منظرڪشي ڪئي آهي

  • TA