سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ نگران سرڪار جي وس جي ڳالهه ناهي: سراج الحق

ڪنڌڪوٽ :ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي جو سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڪرپشن خلاف جلسو جاري آهي، ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي پاران  سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڪرپشن خلاف  گهنٽا گهر چوڪ تي جلسو جاري آهي

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق  سميت مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن  جي جلسي ۾ شرڪت، جلسي ۾ جگديش ڪمار، جئديپ، نازيه  کوسو، ڪوثر، ڊاڪٽر منير نائچ، ساگر  ڪمار ۽ ٻين مغوين جا وارث به شريڪ ٿيا

سراج الحق ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ۽ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، حڪمرانن جي  ڪرپشن سبب صوبو ترقي ڪرڻ بدران  پٿرن جي دور ۾ هليو ويو

هن چيو ته 400 کان وڌيڪ ماڻهو  اغوا ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهو قتل  ٿي چڪا آهن، حڪمرانن خلاف 2سيپٽمبر تي پوري  ملڪ ۾ زبردست هڙتال ڪئي ويندي

هن جو چوڻ هو ته اغوا ۽ قتل وارن واقعن جا ذميوار ڌاڙيل  به آهن ته هتان جا وڏيرا ۽ حڪمران به آهن، هتي هڪ ڌاڙيل کي لٽڪايو وڃي ته  ڌاڙيلن جو خاتمو ٿي ويندو

ڪجهه ڪرپٽ سرمائيدار اليڪشن  ويجهو اچڻ وقت ڄاڻي واڻي حالتون  خراب ڪري رهيا آهن، هن چيو ته سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ نگران سرڪار جي وس جي ڳالهه ناهي