ملائڪا ناراض، ارجن ڪپور کيس پرچائڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويو

ممبئي: ڀارتي ميڊيا تي بالي ووڊ جي مشهور جوڙ ارجن ڪپور ۽ ملائڪا اروڙا جا لاڳاپا ختم ٿيڻ جا افواهه سرگرم آهن پر هان ارجن ڪپور طرفان افواهن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي

ڀارتي ميڊيا موجب سوشل ميڊيا فورم ”ريڊٽ“ تي ارجن ڪپور جي ڪا اروڙا جي عليحدگي جون خبرون سامهون آيون هيون، هڪ واهپيدار اداڪارن جي ويجهن ذريعن کان مليل خبر کي پوسٽ ڪيو ۽ لکيو هو ته ارجن ۽ ملائڪا هاڻ ڌار ٿي ويا آهن ارجن ڪپورهان ڀارتي سوشل ميڊيا انفلوئينسر ڪوشا ڪپيلا کي ڊيٽ ڪري رهيو آهي.ان کان پوءِ ڪوشا اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي هئي

اڄ وري ڪتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ملائڪا اروڙا انسٽاگرام تي پنهنجي پالتو ڪتي جنهن نالو ڪيپسر آهي سان گڏ هڪ وڊيو شيئر ڪئي.ان وڊيو تي جتي ٻين واهپيدارن ۽ اداڪار جي مداحن تبصرا ڪيا آهن اتي ئي سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻيل اداڪار ارجن جو ڪيل ڪميٽ به ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي

ارجن ان پوسٽ تي ٻه ڪمينٽس ڪيا. اداڪار ملائڪا جي پوسٽ تي لکيو ته ”ڪيپسر“اوهان جي زندگي جو اصل ستارو آهي، هن ٻئي ڪمينٽ ۾ ڪيسپر کي هينڊسم بواءِ قرار ڏنو.هڪ واهپيدارن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي لکيو ته ارجن ڪپور اهو ڪمينٽ ڪري بريڪ اپ جي خبرن کي باهه لڳائي ڇڏي

Malaika is angry