پيٽرول مهانگو: پاڪستان ريلوي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿيندي ئي پاڪستان ريلويز به ڀاڙن ۾ 10  سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان ريلويز طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب ڀاڙن ۾ واڌ 17 آگسٽ کان ٿيندي. اضافو سمورين ايڪسپريس، شٽل، پسينجر، انٽرسٽي ٽرينن ۽ ريلوي سيلون تي هوندو

ڪراچي کان شڪارپور جو ڀاڙو 200 روپين جي اضافي کان پوءِ 1600 روپيه ٿي ويو. ڪراچي کان ميهڙ جو ڀاڙو 100 روپيه واڌ کان پوءِ 1400 روپيه ٿي ويو. ڪراچي کان لاڙڪاڻي جو  ڀاڙو 100 روپيه واڌ سان 1500 روپيه ٿي ويو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪشن موجب سمورين ڊويزنز جا ڊي ايس، ڊي سي ۽ ريلويز اضافو ڪيل ڀاڙن تي عمل ڪرائڻ جا پابند هوندا.

ٻئي طرف مسافر ٽرينن کان علاوه مال گاڏين جي ڀاڙن ۾ به 5 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اڄ شام تائين ڀاڙن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. ان سان گڏ آل پاڪستان پبلڪ ٽرانسپورٽ آنرز فيڊريشن به ڀاڙن ۾ 100 کان 150 روپين تائين واڌ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

چيئرمين عصمت الله نيازي چيو آهي ته روزاني پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪاروبار کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ نون ڀاڙن جي لسٽ تيار ڪئي وئي آهي. جيڪا سمورن ٽرانسپورٽرز سان مشاورت کان پوءِ سڀاڻي کان لاڳو ڪئي ويندي.

  • شيئر