نگران وڏي وزير جي مقرري: بلوچستان جي وڏي وزير ۽ اپوزيشن اڳواڻ ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو

ڪوئٽا: نگران بلوچستان جي وڏي وزير جي مقرري لاءِ  وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ اپوزيشن اڳواڻ ملڪ سڪندر وچ ۾ ڪنهن به هڪ نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو.  جنهن کان پوءِ معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن هليو ويو. ڪميٽي ٻنهي طرفن کان ملندڙ 3-3 نالن تي غور کان پوءِ 72 ڪلاڪن ۾ فيصلو ڪندي. جيڪڏهن ڪميٽي به فيصلو نه ڪري سگهي ته معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ هليو ويندو.

نگران بلوچستان جي وڏي وزير جي مقرري تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. وڏي وزير عبدالقدوس  بزنجو ۽  اپوزيشن اڳواڻ ملڪ سڪندر کي نگران وڏي وزير جي مقرري لاءِ ملندڙ وقت ختم ٿي ويو. ٻنهي اڳواڻن ۾ ٿيندڙ ڪيتريون ئي ملاقاتون بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويون جنهن کان پوءِ معاملو پارلياماني ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي.

نگران وڏي وزير جي معاملي تي پارلياماني ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جا 3-3 نمائندا شامل هوندا. پارلياماني ڪميٽي 3 ڏينهن  دوران نگران بلوچستان جو وڏو وزير مقرر ڪندي، جيڪڏهن پارلياماني ڪميٽي به ناڪام رهي ته نگران بلوچستان جي وڏي وزير جي مقرري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪندي.

نگران بلوچستان جي وڏي وزير لاءِ علي مردان ڊومڪي، جي يو آءِ جي مير عثمان باديني، بي اين پي جي حمل ڪلمتي، اڳوڻي اسيمبلي ميمبر پرنس احمد علي، اڳوڻو بيورو ڪريٽ شبير مينگل ۽ بي اي پي جو سينيٽر ڪهده بابت سميت مختلف نالا غور هيٺ آهن.