موسميات کاتي سڀاڻي کان 16 آگسٽ تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: موسميات کاتي آچر کان 16 آگسٽ تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي موجب سڀاڻي کان 16 آگسٽ دوران اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڪجهه علائقن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.

ان کان علاوه 15 ۽ 16 آگسٽ جي وچ ۾ ڊيرا غازي خان، راجن پور، موسيٰ خيل، بارکهان، زوب، قلات ۽ خضدار ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ڪراچي جو گهٽ کان گهٽ گرمي پد 26.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 30 کان 32 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي. هوا ۾ نمي جو تناسب 81 سيڪڙو آهي. ڏکڻ مغرب کان هوا جي رفتار 22 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران موسم جهڙالو رهڻ ۽ هلڪي برسات پوڻ جو امڪان آهي.