آرمي چيف سان جرمن فوج جي سربراهه جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي:  آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان جرمن فوج جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل الفوناس ملاقات ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ جرمن عسڪري سربراهن جي ملاقات جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي عسڪري قيادت گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون.

پاڪ جرمن عسڪري قيادت سمورن شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل الفوناس خطي ۾ امن جي قيام ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي.

Meeting of German army chief with army chief