توشه خانه ڪيس: پي ٽي آءِ چيئرمين جو دفاع وارو حق ختم، گواهه طلب ڪرڻ جي درخواست رد

اسلام آباد:توشه خانه ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي دفاع وارو حق ختم ڪندي سمورن گواهن کي غير لاڳاپيل قرار ڏيڻ جي اليڪشن ڪميشن جي استدعا منظور ڪري ورتي.

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج همايون دلاور توشه خانه فوجداري ڪارروائي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين 4 گواهن جي فهرست عدالت ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ ٽيڪس ڪنسلٽنٽ محمد عثمان علي، سينئر مئنيجر قدير احمد، آءِ ٽي پي جو سينئر مئنيجر نويد فريد ۽ پي ٽي آءِ جو رئوف حسن شامل هئا.

ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ايڊووڪيٽ امجد پرويز اعتراض ڪيو ته اهي سمورا غير لاڳاپيل گواهه آهن. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج همايون دلاور فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين جي گواهه طلب ڪرڻ واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو ۽ سندس گواهن کي غير لاڳاپيل قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالت چيو ته جوابدار گواهن جي ڪيس ۾ لاڳاپيل هجڻ جي ثابتي نه ڏئي سگهيو آهي. اڄ جمع ڪرايل فهرست ۾ ٽيڪس ڪنسلٽنٽ ۽ هڪ اڪائونٽنٽ شامل آهن.  اليڪشن ڪميشن جي وڪيل موجب اهي غير لاڳاپيل گواهه آهن.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل بيرسٽر گوهر عدالت کي چيو ته اليڪشن ڪميشن موڪل جي اڪائونٽ جي اسٽيٽمنٽ عدالت جي سامهون پيش نه ڪئي پر فوٽو ڪاپي اسٽيٽمينٽ ڏني آهي. ٿورو رحم ڪريو، اوهان ئي منهنجي حقن جا امين آهيو. ليول پلينگ فيلڊ ڏيو. انصاف جي اميد آهي. جج همايون دلاور ڌرين کان ڪيس ۾ سڀاڻي تائين حتمي دليل طلب ڪندي چيو ته جيڪڏهن سڀاڻي ڌريون حتمي دليل نٿيون ڏين ته فيصلو محفوظ ڪيو ويندو. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Tosha Khana case: PTI Chairman Jo defense right terminated