پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

لاهور: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ گڏيل درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ اوگرا سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

اظهر صديق ايڊووڪيٽ پيٽروليم شين جي قيمتن۾ واڌ خلاف  درخواست داخل ڪئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾  گهٽتائي اچي رهي آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي. پيٽروليم  شين جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو ڪوبه نظام  نه آهي. تازي اضافي سان مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.