پرتشدد انتهاپسندي بابت بل پي ٽي جي آءِ جي دور ۾ تيار ڪيو ويو هو: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد: قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پرتشدد انتهاپسندي بابت بل جي هر هڪ شق، ڪوما، فل اسٽاپ پي ٽي آءِ جي دور ۾ تيار ڪيو ويو.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته موجوده حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته اهو بل پيش نه ڪيو ويندو.

اعظم نذير تارڙ وڌيڪ چيو ته بهتر ٿيندو ته آدمشماري جي معاملي تي گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڳالهيون ڪري ان جو آئيني حل ڳوليو وڃي.

ياد رهي ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي پرتشدد انتهاپسندي کي روڪڻ جو بل ميمبرن جي سخت مخالفت کان پوءِ ڊراپ ڪري ڇڏيو هو.