پاڪستان جي ڪرڪيٽرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ هلندڙ هفتي ملڻ جو امڪان

لاهور: قومي ڪرڪيٽرن کي هلندڙ هفتي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ملڻ جو امڪان آهي. قومي ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي لاڳاپيل کاتن جي ڪم کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪم جاري آهي

ڪرڪيٽ ڪاميٽي جي چيئرمين مصباح الحق کي ايندڙ هفتي سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي بريفنگ ڏني ويندي ۽ پوءِ مصباح الحق چيئرمين پي سي بي مئنيجمينٽ ڪاميٽي ذڪا اشرف کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ بابت بريفنگ ڏيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيئرمين پي سي بي مئنيجمينٽ ڪاميٽي ذڪا اشرف جي منظوري کانپوءِ ايندڙ هفتي قومي رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي آڇ ڪئي ويندي

ذريعن جو چوڻ آهي ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ هاڻي واڌ جو امڪان ناهي، 30 جون تي ختم ٿيندڙ ڪانٽريڪٽ ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪئي وئي هئي هڪ مهيني جي واڌ جو مدو سڀاڻي 31 جولاءِ تي ختم ٿي رهيو آهي. سي اي او پي سي بي سلمان نصير ۽ ڊائريڪٽر انٽرنيشنل عثمان واهلا سريلنڪا ۾ ڪپتان ۽ سينيئر رانديگرن سان سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي

ذريعن موجب سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل رانديگرن جي ميچ فيس ۾ 25 کان 35 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي، ليگز لاءِ نظرثاني ٿيل اين او سي پاليسي جي شقن کي به ڪانٽريڪٽ ۾ شامل ڪيو ويندو